حسين شاهه ڪاڇيلاڻي

حسين شاهه ڪاڇيلاڻي: سيد حسين شاهه ڪاڇيلاڻيءَ جي مزار ضلعي ٺٽي، تعلقي جاتيءَ ۾ ميرپور بٺوري روڊ تي مير خان موريءَ جي اولهه ۾ واقع آهي. هيءُ بزرگ ٻه سؤ ورهيه اڳ جو چيو وڃي ٿو. روايت آهي ته هيءُ بزرگ ڪڇ مان آيو هو. هُو ڪڇ ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو. پيٽ تي اڪثر ڪاٺ جو ٽڪر ٻڌندو هو. هن بزرگ جي مزار تي ساليانو ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو